اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) پر??ي??ي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر دولت مشترڪه جي پر??يهي وزيرن جي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪري رهي آه??. پر??يهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پر??ي??ي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر لنڊن ۾ ٿيندڙ 22 هين ڪامن ويلٿ منسٽر فارن افي??رز ميٽنگ ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي. هن ويسٽ منسٽر ايبي ۾ ڪامن ويلٿ ڊي سروس ۽ بڪنگهم پيلس ۾ دولت مشترڪه جي جنرل سيڪريٽري پاران ڏنل آجياڻي ۾ پڻ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. ان موقعي تي مملڪتي وزير عالمي ۽ علائقائي صورتحال بابت پاڪستان جو موقف ۽ پاڪستان سميت ا??رندڙ ملڪن تي انهن جي اثرن بابت شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو. هن دولت مشترڪه تي زور ڏنو ته اها پائيدار ترقي جي لاءِ هڪ نئون مالياتي ذميوار ماڊل تيار ڪرڻ ۾ اڳرائي ڪري ته جيئن موجوده قرضن جي بار جي مسئلن کي حل ڪري سگهجي. مملڪتي وزير موسمياتي تبديلي تي عالمي تعاون جي اهميت ۽ موسمياتي موافقت جي لاءِ اهم، اضافي ۽ متوقع مالي وسيلن جي دستيابي جو خاڪو پيش ڪيو. هن ڊيميج فنڊ ۽ ان سان لاڳاپيل انتظامن کي جلد فعال ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. دولت مشترڪه جي پر??يهي وزيرن جي اجلاس بورڊ آف گورنرز پاران دولت مشترڪه کي جديد بڻائڻ جي قدم جي توثيق ڪئي. پاڪستان بورڊ آف گورنرز جي وائيس چيئرمين جي حيثيت سان انتظاميا ۽ پروگرام تي ورڪنگ گروپ جي قيادت ڪندو. مملڪتي وزير دولت مشترڪه جي تقريبن جي موقعي تي برطانيا جي ترقي واري مملڪتي وزير اينڊريو مچل، گهانا جي پر??ي??ي معاملن ۽ علائقائي انضمام واري وزير شرلي ايور ڪوربوچوي، سريلنڪا جي پر??يهي وزير ايم يو ايم علي صابري سان ملاقات ڪئي. هن ڪينيا جي پر??يهي ۽ ڊاسپورا معاملن واري ڪبنيٽ سيڪريٽري ڊاڪٽر الفريد متوا، ڪئناڊا جي پر??يهي وزير واري پارلياماني سيڪريٽري ايم بي رابرٽ اولي فينٽ ۽ دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ سان پڻ ملاقات ڪئي.
متعلقہ مضامین
-
Women in flood relief camps face harsh struggles
-
Pakistan to create digital IDs of citizens in economic transformation push
-
Kyrgyzstan envoy meets Hanif Abbasi
-
Bilawal calls for dialogue between Pakistan and India amid rising tensions
-
Nation mourns: funeral held for 7-year-old son of army officer martyred in Indian attack
-
Instability in South Asia, Middle East in United States interest
-
Sheikh Rashid frustrated over PTIs lawyers arguments
-
Foundation launches PEF-Edhi Scholarship programme
-
الیکٹرانک تحقیقات کا آفیشل گیم پلیٹ فارم اور اس کی جدید خصوصیات
-
ایم جی آن لائن آفیشل ڈاؤن لوڈ لنک حاصل کرنے کا آسان طریقہ
-
PS Electronic Prestige Entertainment Website: تفریح کی دنیا میں ایک نیا باب
-
رولیٹی آئیکونک انٹرٹینمنٹ لنکس کی دنیا